رمز علي فقير

رمز علي فقير: ’صوفي شاهه عنايت شهيد ۽ سندس سلسلي جا شاعر‘ ڪتاب ۾ ڊاڪٽر محمد علي مانجھي، ڄاڻائي ٿو ته ”فقير رمز علي ڪاڪا ويٺل ڳوٺ ڀَليڏِنو ڪاڪا، تعلقي هالا، ضلعي مٽياريءَ جو هو. هُو محمد فقير جو ٻالڪو ۽ طالب هو. سدائين سير سفر ۾ رهندو هو. هي صوفي صفت درويش هميشه خدمت خلق ۾ مصروف هوندو هو. پنهنجي دؤر جو چڱو شاعر به هو. سندس شاعري جو نمونو هيٺ ڏجي ٿو:
منهنجو آهين تون ئي تون، مالڪ مک مظهر جو!
اسم عاشق امام اوهان جو، عالم تون اظهر جو . . .
ڏئين دام دلاور دم جا، داتا دولهه در جو . . .
خلق خضر خود خادم تون، خالق خاص خبر جو . . .
رمز علي جي راز جا رهبر، سانگ ڪري آيون سرور جو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو